ڌرمشالا (ويب ڊيسڪ) ڀارت ڌرمشالا ٽيسٽ ۾ روي چندرن ايشون جي نوَ وڪيٽن جي مدد سان انگلينڊ کي هڪ اننگز تان شڪست ڏئي سيريز چار هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
انگلينڊ ڌرمشالا ۾ کيڏيل پنجين ٽيسٽ ميچ ۾ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سموري ٽيم پهرين اننگز ۾ 218 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
مهمان ٽيم طرفان اوپنر زيڪ ڪراولي 79 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کانسواءِ ڪو به انگلش بيٽر ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.
ڀارت طرفان اسپنر ڪُلديپ ياديو پنج ، روي چندرن ايشون چار ۽ رويندرا جاڙيجا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڀارت پنهنجي پهرين اننگز ۾ ڪپتان روهت شرما ۽ شُڀمَن گِل جي سينچرين جي مدد سان 477 رنسون ٺاهيون، جڏهن ميچ ۾ اوپنر يشسوي جئسوال 57 ، ديو دت پاڊيڪل 65 ۽ سرفراز خان 56 رنسن جي اننگز کيڏي.
انگلينڊ جي شعيب بشير 5 جڏهن ته جيمز اينڊرسن ۽ ٽام هارٽلي 2 – 2 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 1 وڪيٽ ورتي.
انگلش ٽيم ٻي اننگز ۾ ڀارتي بالرن آڏو واري جي ڀت ثابت ٿي، پوري ٽيم 195 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جو روٽ 84 رنسن سان اڳڀرو رهيو.
اهڙي ريت ڀارت ڌرمشالا ٽيسٽ هڪ اننگز ۽ 64 رنسن تان کٽي پنج ميچن تي سيريز چار هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ٻي اننگز ۾ روي ايشون پنج انگلش بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو جڏهن ته ڪُلديپ ياديو ۽ جسپريت بُمرا ٻه، ٻه ۽ رويندرا جاڙيجا هڪ وڪيٽ ورتي.
ڀارت طرفان پنهنجي 100 هين ٽيسٽ کيڏندڙ روي چندرن ايشون ميچ ۾ مجموعي طور نوَ وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪُلديپ ياديو ميچ ۽ يشسوي جئسوال کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو .
You might also like