ڀارتي فلم پروڊيوسر 2 هزار ڪروڙ روپين جي منشيات سمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سائوٿ انڊيس فلم انڊسٽري جي پروڊيوسر جعفر صادق کي 2 هزار ڪروڙ روپين جي منشيات پرڏيهه سمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) کي گذريل چئن مهينن کان پروڊيوسر جعفر صادق جي ڳولا هئي ۽ اڄ کيس گرفتار ڪيو ويو.

اين سي بي جعفر صادق کي ڀارت کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ منشيات سمگلنگ جي نيٽورڪ جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏنو آهي، هن هيل تائين آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کي ڀارتي 2 هزار ڪروڙ روپين جي منشيات اسمگل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.