جسم ۾ پلاسٽڪ جي ذرڙن جي موجودگي بابت ڇرڪائيندڙ دريافت

هيل تائين پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن کي انساني شريانين، دل ۽ ٻين حصن ۾ دريافت ڪيو ويو آهي.
پر هاڻي سائنسدانن پهريون ڀيرو ٻچيداني ۾ پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا دريافت ڪيا آهن.
آمريڪا جي نيو ميڪسيڪو يونيورستي جي ان تحقيق ۾ سمورن انساني نمونن ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرڙن کي دريافت ڪيو.
تحقيق ۾ تجزيي دوران ٻچيداني ۾ پلاسٽڪ بيگ ۽ بوتل لاءِ استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي ذرڙن کي دريافت ڪيو ويو.
هڪ ٻي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا انساني شريانين ۾ به گڏ ٿيندا اهن جنهن سان انهن جي بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو.
ان تحقيق ۾ شريانين جي 17 نمونن جو جائزو ورتو ويو هو ۽ سڀني ۾ پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا دريافت ڪيا ويا.
ان کان اڳ انساني دل، رت، ماءُ جي کير ۽ ٻين حصن ۾ به پلاسٽڪ جا ننڍڙا ذرڙا دريافت ٿي چڪا آهن.
تحقيق ڪندڙ يونيورسٽي جي پروفيسر ميٿيو ڪامپين ٻڌايو ته ٻچيداني ۾ پلاسٽڪ جي ذرڙن جي موجودگي تي ڳڻتي آهي ڇو جو ان سان ٻارن جي صحت متاثرٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.