ڪيئي عالمي اسٽار پاڪستان سپر ليگ ڇڏي چڪا!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي ردرفورڊ به ذاتي مصروفيتن سبب ميگا ايونٽ ڇڏي وطن روانو ٿي ويو .
ذريعن موجب، ردر فورڊ ذاتي مسئلن سبب باربيڊوس روانو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪوئيٽا گليڊيئٽرز پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته سندس واپسي ٿي سگهي ٿي.
ان کان اڳ اسلام آباد يونائيٽڊ جو ايلڪس هيلز ۽ ڪراچي ڪنگز جو ڪيرن پولارڊ به پاڪستان سپر ليگ ڇڏي واپس هليا ويا آهن.
انکانسواءِ يو اَي ايِ جو عثمان خان به فيملي مسئلن سبب پاڪستان سپر ليگ ڇڏي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.