لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي آف اسپنر عثمان طارق جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيو آهي جنهن کانپوءِ کيس نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي طلب ڪيو ويو آهي.
آف اسپنر عثمان طارق کي بالنگ ايڪشن جي درستگي لاءِ نيشنل اڪيڊمي طلب ڪيو ويو آهي.
اسپنر جو ڪجهه ڏينهن اڳ امپائرن بالنگ ايڪشن رپورٽ ڪيو هو، جنهن سبب هو گذريل ڏينهن پشاور زلمي خلاف ميچ نه کيڏي سگهيو هو.
ذريعن موجب، آف اسپنر جي بالنگ ايڪشن جي درستگي تي نيشنل اڪيڊمي لاهور ۾ ڪم ڪيو ويندو.
You might also like