ماهرا خان بازار گھمڻ لاءِ برقعو پائي رڪشي ۾ نڪري پئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان جون پنجاب جي شهر بهاولپور ۾ برقعو پهرين ساهڙين سان گڏ گھمڻ جون وڊيوز وائرل ٿي ويون.

ميڪ اپ آرٽسٽ ظهر بابت برقعو پهريل اداڪارا جون وڊيوز شيئر ڪيون، جن ۾ ماهران خان کي سڃاڻڻ ڏکيو آهي.

تصويرون ۽ وڊيوز ۾ ماهرا خان کي دوستن سان گڏ نه رڳو رڪشي جي سوار ڪندي ڏسي سگھجي ٿو پر کيس بازار ۾ خريداري ڪندي به ڏسي سگھجي ٿو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Babar Zaheer (@iambabarzaheer)

وڊيو ۾ ماهرا خان سان گڏ ٻيا دوست به نظر اچي رهيا آهن پر اداڪارا ڳالهائڻ کان پاسو ڪندي نظر اچي پئي.

تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ماهران خان کي پئسن سان ٺهيل ڪنڊي به پهريل آهي.

وڊيو کي شيئر ڪندي ميڪ اپ آرٽسٽ لکيو ته هوءَ پنهنجي بلو باج سان گڏ بهاولپور گهمن پيا.

وڊيو ۾ ماهرا خان خاموش آهي جڏهن ته کيس برقعي ۾ سڃاڻن ڏکيو آهي، پر اداڪارا پاڻ به ڪجهه ڏينهن اڳ بهاولپور مان پنهنجون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون هيون.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mahira Khan (@mahirahkhan)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.