غزا ۾ رمضان جي شروعات تائين جنگ بندي ٿيڻ ڏکيو آهي: آمريڪي صدر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته غزا ۾ رمضان تائين جنگ بندي ڏکئي نظر اچي پئي.
آمريڪي صدر جو بائيڊن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته والاريل بيت المقدس جي اوڀر واري حصي ۾ امڪاني ڇڪتاڻ ۽ تشدد وڌڻ تي ڳڻتي آهي. غزا ۾ جنگ بندي نه ٿي ته تشدد ۽ ڇڪتاڻ وڌندي. رمضان جي شروع تائين غزا ۾ جنگ بندي ٿيڻ ڏکيو آهي.
ٻي پاسي حماس چيو آهي ته غزا ۾ جنگ بندي جي پنهنجن مطالبن تان هٿ نه کڻنداسين. حماس غزا ۾ اسرائيلي فوج ڪارروائين کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ، امداد جي فراهمي، بي گھر ماڻهن لاءِ پناهه گاهن جو انتظام ۽ نئين سر تعمير جي شروعات جو مطالبو ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.