اڏام دوران جهاز جي ٻنهي پائليٽس کي ننڊ وٺي وئي

انڊونيشيا ۾ اڏام دوران جهاز جا پائليٽ هڪ هڪ ڪري سمهي پيا جنهن کان پوءِ جهاز جو رخ تبديل ٿي ويو پر خوش قسمتي سان جهاز ڪنهن وڏي حادثي کان محفوظ رهيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اهو واقعو 25 جنوري 2024ع تي ان وقت پيش آيو جڏهن باتيڪ ائيرلائين جي فلائيٽ ID6723 اتر انڊونيشيا جي علائقي سولاويسي کان جڪارتا وڃي رهي هئي.
واقعي جي شروعاتي رپورٽ هاڻي جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب جهاز کي 32 ۽ 28 ورهين جا پاليٽ اڏائي رهيا هئا ۽ 28 منٽن تائين جهاز پائليٽ کانسواءِ اڏامندو رهيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيئن ئي جهاز مقامي وقت موجب تقريبن 08 لڳي 37 منٽن تي آسمان جي بلندي تي پهتو ته پائليٽ فرسٽ آفيسر کان پڇيو ته ڇا هو سمهي سگھي ٿو؟ فرسٽ آفيسر راضپو ظاهر ڪيو جنهن کان پوءِ پائليٽ سمهي پيو، فرسٽ آفيسر ايندڙ 40 منٽن تائين پائليٽ جو ڪم سنڀاليو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان رابطي ۾ رهيو.
ان کان پوءِ هن کي به ننڊ وٺي وئي جنهن کان پوءِ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان جهاز جو رابطو ڪٽجي ويو ۽ ائين 28 منٽن تائين جهاز پائليٽ کانسواءِ هلندو رهيو جنهن ۾ 153 مسافرن سميت عملي جا 4 ماڻهو به سوار هئا.
ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن پائليٽ جي اک کُلي ته خبر پئي ته جهاز درست رخ ۾ نه آهي جنهن کان پوءِ هن ساٿيءَ کي اٿاريو ۽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي جواب ڏنو، هنن جواز پيش ڪيو ته سندن ريڊيو ۾ ڪجهه مسئلو ٿي ويو هو جنهن جي ڪري هو جواب نه ڏئي سگھيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.