راکي ساونت جو اڳوڻي مڙس جي شاديءَ تي ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت پنهنجي اڳوڻي مڙس عادل دراني ٻي شادي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
عادل دراني جي ٻي شادي جي خبر تي سندس اڳوڻي زال راکي ساونت جو به بيان سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هن ان شاديءَ کي پبلسٽي اسٽنٽ قرار ڏنو آهي.
راکي ساونت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ها اهو سچ آهي، عادل شادي ڪري ڇڏي، هن سومي خان سان ڪورٽ ميريج ڪئي آهي ۽ هنن وٽ ڪورٽ ميريج جو سرٽيفڪيٽ به آهي.
هن چيو ته عادل دراني ۽ سومي خان عوام جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۽ خبرن ۾ رهڻ لاءِ شادي ڪئي آهي، هوءَ به جلد پونم پانڊي جيان پنهنهجي وڊيو شيئر ڪري ٻڌائيندي ته اهو ڊرامو هو.
ٻي پاسي عادل ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها سندس ٻي شادي نه پر پهرين شادي آهي ۽ هن لڪي ڪري نه پر پوءِ دنيا ۽ خاندان جي سامهون سومي خان سان شادي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.