آصف علي زرداري ملڪ جو 14 هون صدر چونڊجي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ پارليامينٽيرينز جو صدر آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان پاڪستان جو صدر چونڊجي ويو ۽ ٻيو ڀيرو صدر بڻجندڙ پهرين سول شخصيت به بڻجي ويو.
قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صدارتي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي ۽ ميمبرن صبح کان 4 وڳي تائين پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو.
صدارتي چونڊ ۾ حڪومتي اتحاد طرفان آصف زرداري ۽ اپوزيشن جي محمود خان اچڪزئي ۾ مقابلو هو.
حڪمران اتحاد جو اميدوار آصف علي زرداري وڏي اڪثريت سان صدر چونڊجي ويو، هن پارليامينٽ مان 255 ووٽ کنيا، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جو محمود خان اچڪزئي 119 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
پارليامينٽ ۾ وڌل ووٽن مان هڪ ووٽ رد ٿيو.
ائين مجموعي طور قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين مان آصف زرداري 410.77 اليڪٽورل ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته محمود خان اچڪزئي 180.34 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهيو.
آصف زرداري ٻيو ڀيرو صدر چونڊيو آهي ۽ هو پاڪستان جو 14هون صدر هوندو، آصف زرداري 2008 کان 2013 تائين صدر رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.