صدارتي چونڊ ۾ پهريون ڀيرو نه ووٽ کپايو ويو نه خريد ڪيو ويو: محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشتونخواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ صدارتي چونڊ ۾ اپوزيشن اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته صدارتي چونڊون سٺي ماحول ۾ ٿيون، پهريون ڀيرو نه ڪو ووٽ کپايو ويو نه خريد ڪيو ويو.
اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته صدارتي اميدوار نامزد ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ ۾ پي ٽي آءِ جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو سجهن ٿا ته هتي سڀ ڪجهه خريد ڪري سگهجي ٿو پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي ان جي مخالفت ڪن ٿا ۽ شڪر ڪيان ٿو ته مان انهن مان آهيان.
هن چيو ملڪ ۾ نئين دور جي شروعات آهي ته خريد ۽ وڪرو نه ٿيو، خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي سڀني اميدوارن پنهنجي پارٽي اميدوار کي ووٽ ڏنو، پنجاب ۾ به ائين ئي ٿيو، ڪيترن ئي ساٿين چيو ته دل چئي ٿي توهان کي ووٽ ڏيون، سٺي روايت پئجي چڪي آهي، باقي ڳالهيون پارليامينٽ ۾ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.