امڪاني ناڻي وارو وزير ڪروڙين رپيا ماهوار پگهار ۽ ڊِچ شهريت ڇڏڻ لاءِ تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي امڪاني ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب نئون عهدو سنڀالڻ ۽ ملڪ جي بيمار معيشت کي درست ڪرڻ لاءِ ٽي ڪروڙ رُپيا ماهوار پگهار ۽ ڊِچ شهريت ڇڏڻ لاءِ تيار آهي.
محمد اورنگزيب جي ويجهن ذريعن موجب، امڪاني ناڻي وارو وزير پنهنجي ڊِچ شهريت ڇڏڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جيتوڻيڪ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ڪابينا جو اعلان ناهي ڪيو پر ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته محمد اورنگزيب نواز شريف سان ملاقات ڪري چڪو آهي، هن سومر ڏهاڙي فنانس معاملن تي وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ اسحاق ڊار موجود نه هو.
محمد اورنگزيب بئنڪن جي پنج سڀ کان وڌيڪ پهگارون کڻندڙ سي ايِ اوز جي فهرست ۾ شامل آهي، فلحال هو حبيب بئنڪ لميٽڊ جو چيف ايگزيڪٽيو آفيسر آهي.
2023ع جي ايڇ بي ايل جي سالياني رپورٽ موجب، محمد اورنگزيب کي 352 ملين رُپيا سالياني پگهار ۽ ٻيون مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون ويون، اهڙي ريت سندس ماهوار پگهار اٽڪل ٽي ڪروڙ رُپيا ٿئي ٿي.
جتي محمد اورنگزيب پنهنجي منافعي بخش ملازمت ۽ ٻٽي شهريت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، اتي اِهو واضح ناهي ته هو ملڪ جي ڪمزور معيشت کي ڪيئن منهن ڏيندو؟
مالياتي معاملن جي ماهرن اِهو سوال پڻ اُٿاري رهيا آهن ته ڇا محمد اورنگزيب کي آزاد مالياتي فيصلن جي اجازت ڏني ويندي؟ اِهو پڻ ڏسڻو پوندو ته ايندڙ هفتن ۾ هو آءِ ايم ايف ٽيم کي منهن ڪيئن ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.