خواجا اظهار : ”پ پ وارا وفادار ناهن ته اسان به دلدار ناهيون“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار پ پ جي خاطري تي چيو آهي ته جيڪڏهن واعدا نه پورا نه ڪيا ته هو وفادار ناهن ۽ اسان دلدار ناهيون.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا اظهار چيو ته اسان جون اميدون به آهن ۽ ماضي ۾ مايوسي به ملي پر مطالبن ۽ شڪايتون يڪدم پوريون نٿيون ٿي سگهن.
هن چيو ته بلاول خاطري ڪرائي آهي ته واعدا پورا ڪنداسين، جيڪڏهن واعدا پورا نه ٿيا ته هو وفادار ناهن ته پوءِ اسان به دلدار ناهيون.
ان موقعي تي امين الحق جو چوڻ هوته آصف زرداري پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ هميشه ڪم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.