راولپنڊي (م ڊ ) اڊيالا جيل ۾ آيل پي ٽي آءِ اڳواڻن کي باني سان ملڻ نه ڏنو ويو،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ، مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، اسد قيصر ۽ ٻين چيو ته چونڊن جي ڌانڌلين خلاف گرينڊ الائنس ٺاهي رهيا آهيون، جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪنداسين ، عمر ايوب جو چوڻ هو ته جيل عملدارن ڪورٽ جي حڪم کي پٺتي ڏني آهي، مخالف ڌر اڳواڻ کي به ملڻ نه ڏنو ويو آهي،هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ هوندي، اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب شاهين جو چوڻ هو ته ڊيمپرينگ کان پوءِ ڪجهه پولنگ تي ووٽ وجهڻ وارو سيڪڙو 99 سيڪڙو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا ناممڪن آهي.ان حوالي سان جلد وائيٽ پيپر جاري ڪنداسين.