حسن نواز ، حسين نواز جا گرفتاري وارنٽ معطل

اسلام آباد( م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت حسن نواز ، حسين نواز جا دائمي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن احتساب عدالت  جي جج  ناصر جاويد راڻا  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ان موقعي تي احتساب عدالت ۾  حسن نواز ۽ حسين نواز جو وڪيل مصباح الحسن ۽ راڻا عرفان عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته حسن نواز ۽ حسين نواز 12 مارچ تي  پاڪستان اچڻ چاهن ٿا، ان موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، ان کان بغير گرفتاري وارنٽ  معطل نه ٿا ٿي سگهن ، عدالت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حسن نواز، حسين نواز گرفتاري وارنٽ 14 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيا، واضح رهي ته  حسين نواز، حسن نواز  ايون فيلڊ ، فليگ شپ ۽ العزيزه ريفرنس ۾ درخواستون داخل ڪرائيندي  چيو ته گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، احتساب عدالت 7 سال اڳ حسين نواز، حسن نواز کي نيب ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.