لاهور(م ڊ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان تاريخ جي غلط رخ تي بيٺو آهي، پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس کان بچڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪيون ڏيڻ فاشسٽ رويو هو،هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنهنجي سياسي دور ۾ هر مخالف کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، ڪوڙا الزام لڳائڻ، لقبن سان نوازڻ ۽ مسلسل تشدد آميز رويو پي ٽي آءِ باني کي تاريخ يج غلط سائيڊ تي بيٺل ڏيکاريندو آهي، هن چيو ته اقتدار کسجڻ جي ردعمل ۾ رياست تي حملي آور ٿيڻ ۽ هاڻي آءِ ايم ايف کي پاڪستان جي مدد کان روڪڻ جو خط بي شڪ تاريخ جي غلط سائيڊ ئي آهي،سعد رفيق چيو ته عمران خان نفرت،تعصب،ڪوڙ،ورهاڱي ۽ تشدد کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ته جيئن رستا کلي سگهن