وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ پ پ اڳواڻن جي ڳڙهي خدابخش ۾ حاضري

لاڙڪاڻو/نئون ديرو(نمائندا)شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾  پيپلز پارٽي سنڌ جي اهم اڳواڻن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري.ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پ پ اڳواڻن مراد علي شاهه شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاهه، نثار کهڙو، سهيل انور سيال ۽ ٻين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني به ڪئي.اڳواڻن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي گلن جي چادر چاڙهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.