سنڌ اسيمبلي: ذوالفقار علي ڀٽو کي جمهوري هيرو،سرڪاري سطح تي شهيد قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي  قومي شهيد ڊڪليئر ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو ٺهراءُ پاس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽُ کي قومي ۽ جمھوري ھيرو قرار ڏنو وڃي،   ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ تلاوت ۽ ٻي ڪارروائي کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءَ تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد  مراد علي شاهه  چيوته  يا الله يا رسول شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بي قصور جو نعرو سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سرڪاري بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ سڄي دنيا پئي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناهه ماريو ويو، هن چيو ته هڪ ظالم ڊڪٽيٽر ڀٽو کي قتل ڪرايو هو، ان لاءِ سپريم ڪورٽ کي استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته 4 اپريل تي منهنجي والد چيو ته ڀٽو کي جدا ڪيو ويو آهي، سندس خاندان کي درد ته هو پر پوري پاڪستان جو عوام ڏک ۾ ورتل هو، سندس شهادت تي ماڻهن خودڪشيون ڪيون ۽ڪوڙا کاڌا، هن چيو ته ڪالهه به ڀٽو زنده هو اڄ به ڀٽو زنده آهي، بينظير ڀٽو جڏهن پهريون ڀيرو حلف کنيو هو ته سندس اکيون آليون هنيون، ڪالهه بلاول ڀٽو جون اکيون آليون هنيون، هن چيو ته اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو ويو آهي، ڀٽو جي مزار تي حاضري ڏئي آيا آهيون، اسان جو مطالبو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي، ان ظلم جي خاتمي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي جمهوري هيرو قرار ڏنو وڃي، جيڪي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏين ٿا انهن کي ذوالفقار علي ڀٽونشان به ڏنو وڃي، هن چيو ته 45 سال اڳ ٿيل ظلم کي اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون. پ پ ايم پي اي نثار کهڙو ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي ۽ جمھوري ھيرو قرار ڏنو وڃي، ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري سطح تي قومي شھيد ڊڪليئر ڪيو وڃي. هن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿو،  سپريم ڪورٽ شھيد ڀٽو کي فيئر ٽرائل نه ملڻ جو اعتراف ڪندي غلطي تسليم ڪئي آھي. هن چيو ته  صدر آصف علي زرداري جي ريفرنس تي فيصلو ڏئي پنھنجي ساک بحال ڪئي آھي سعيد غني چيو ته اسانجي معيشت ڪيڏانهن پئي وڃي جمهوريت جا ادارا ڪيڏانهن پيا وڃن،  5 جولائي جو منحوس ڏينهن نه هجي ته اڄ پاڪستان جي اهڙي حالت نه هجي ها. هن چيو ته  قبرن مان ڪڍي ڦاسي جي سزا ڏني ويندي آهي ته زنده ماڻهن کي عبرت ملي،  سعيد غني مطالبو ڪيو ته انهن ججن کي قبرن مان ڪڍي ڦاهي ڏني وڃي، مولوي مشتاق جي جنازي تي ماکي جي مکين حملو ڪيو ته جنازي جا شريڪ ماڻهو ڀڄي ويا، مولوي مشتاق جي اولاد اچي باھ ٻاري پوءِ  صرف ان جي اولاد ان کي دفنايو، هي قدرت جو نظام آهي جيڪو ماڻهن کي سمجهڻ کپي. هن چيو ته شهيد ڀٽو جي جنازي ۾ ماڻهن کي شرڪت نه ڪرڻ ڏني وئي، شهيد ڀٽو ضياءالحق جي معافي نامي تي سائن نه ڪئي، شهيد ڀٽو چيو ته تاريخ جي هٿان مرڻ کان بهتر آهي ته آمر جي هٿان ماريو وڃان. ؎پ پ ايم پي اي جميل سومرو چيو ته  شھيد ڀٽو جي قاتلن جو نالو نشان ئي ظاھر نه آھي۔ ڀٽو پنھنجي قاتلن کان وڌيڪ زندگي جئي رھيو آھي، شھيد ڀٽو ھن ملڪ کي آئين ڏنو پر کيس فيئر ٽرائل نه ڏنو ويو، هن چيو ته آصف علي زرداري ريفرنس سپريم ڪورٽ موڪليو، جڏھن فيصلو ايندو تڏھن ايوان صدر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر آصف زرداري موجود ھوندو، هن چيو ته 73 جو آئين ڀٽي ڏنو ان آئين کي جرنل ضياء الحق خراب ڪيو،  زرداري جا ايندڙ پنج سال شاندار رھندا ملڪ کي خوشحالي ملندي. ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته  دنيا مڃي ٿي ته شھيد ڀٽو کي ناحق ڦاھي ڏني وئي آھي، عدالتن اندر انصاف نٿو ملي رڳو تاريخ تي تاريخ ڏني ويندي آھي. هن چيو ته ڀٽو جي ڦاھي بعد جن وزارتون ورتيون انھن جي اولاد کي معافي وٺڻ گھرجي ۽ ڀٽو کي سرڪاري سطح تي شھيد قرار ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ قتل ٿيل لاريب جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، پ پ ايم پي اي امداد پتافي چيو ته ڀٽو رڳو پاڪستان جو ليڊر نه پر سڄي دنيا جو مقبول ھو، جنھن ڀٽو کي ڏھن فٽن کان ڪيرايو پر رب ان جي قاتلن کي ھزارين ڪلو ميٽر کان زمين تي ڪيرايو، ڀٽو کي شھيد ڪندڙن جو نالو کڻن وارو به ڪير نه آھي پر ڀٽو اڄ به زنده آھي. هن چيو ته ڀٽو جي قاتلن ۽ سھولتڪارن کي قبرن کان ٻاھر ڪڍي سزا ڏني وڃي. جماعت اسلامي جي فاروق اعواڻ چيو ته خراج تحسين پيش ڪيان ٿو عدليا کي ته ان پاڻ تي لڳل داغ کي ڌوئي ڇڏيو، انصاف ان مهل مڪمل ٿيندو ته سزا کي غلط ثابت ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوار شبير قريشي  چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته عوام لاءِ وڙهندڙ سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو سان تاريخ گڏ آهي،  هن چيو ته گڏيل قومن ۾ پي ٽي آءِ جي باني گستاخ رسول تي ڳالهايو هو، ان دوران اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو، آخر ۾ ٺهراءَ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو يڪراءَ منظور ڪيوويو جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.