ٽنڊوالهيار/ عثمان شاهه هڙي ( ڊ ر /ن ع آ )عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ ابراهيم شاه لنڪ روڊ تان نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ موريو ساند مان مائٽن کان تعزيت ڪرڻ بعد واپس ويندڙ ڪنڊياري واسي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا , ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن گوليون هڻي 19 سالا گيانچند ڪڇي کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي عمرساند پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو , واقعي خلاف قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن پاران ڪلر شاخ وٺ مين ٽنڊوالهيار ٽنڊوآدم روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽنڊوالهيار ٽنڊوآدم ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جتي مقتول جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي بيگناه قتل ڪيو ويو آهي. ضلعي اندر روز ڦرن ۽ چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي پر پوليس ضلعي اندر امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي پاسي هڪ ڏينهن اندر ضلعي جي مختلف علائقن مان چار موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون , شهر جي محمود آباد ڪالوني مان وڪيل عبدالحڪيم مستوئي جي گهر ٻاهران بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري ويا . بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد سرفراز واه ڀرسان نامعلوم چور صحافي عبدالرزاق ملاح جي موٽر چوري ڪري ويا. جڏهن ته شهر جي راهي هوٽل ٻاهران مجيد بلوچ جي موٽر سائيڪل پڻ نامعلوم چور چوري ڪري ويا. وڪيل حيدر جروار کان به موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي. جنهن بعد ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف سول سوسائيٽي وڪيلن , واپارين پاران منصور حيدر جروار , خالد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪيريا شاخ بائي پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو , ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جتي مظاهرين پوليس خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس انتظاميه ضلعي اندر امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي , ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جي نااهلي سبب هر روز چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي هٽائي شهر ۾ امن بحال ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وسيع ڪيو ويندو.