ڪراچي:هلندڙ سال ڦورن قتل ٿيل ماڻهن جو انگ 36 ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ  سال هن وقت تائين ڦورن جي فائرنگ سان مارجي ويل ماڻهن جو انگ 36 ٿي ويو آهي،  ملڪ ۾ عام چونڊن جي نتيجي ۾ نئين حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ مقرر پوليس آفيسرن جو ڌيان امن امان قائم ڪرڻ کان وڌيڪ امڪاني ٽرانسفر پوسٽنگ  تي آهي، ذريعن موجب جن آفيسرن جي امڪاني طور تي ٽرانسفر ٿيڻ واري آهي اهي آفيسن ۾ گهٽ اچن ٿا يا موڪلن تي هليا ويا آهن ۽ هيٺين سطح جي آفيسرن تي اعليٰ آفيسرن جو چيڪ اينڊ بيلنس گهٽجي ويو آهي،  اسٽريٽ ڪرائمز کي روڪڻ لاءِ روايتي حڪمتي عملي به نظر نه پئي اچي، شهر ۾ مختلف وقتن ۾ اسنيڪ چيڪنگ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشنز جو سلسلو به رڪجي ويو آهي، پوسٽنگ جا منتظر آفيسر ڪنهن به هنڌ پوسٽنگ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهن، جيڪي آفيسر پهريان کان پوسٽنگ تي آهن، اهي ان کان وڌيڪ بهتر پوسٽنگ لاءِ سفارشون ڪرائڻ مصروف آهن، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۾ اڃان تائين اسٽريٽ ڪرائمز روڪڻ لاءِ ماتحت آفيسرن کي ڪائي حڪمت عملي  نه ڏني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.