ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نئين چونڊيل ايم پي اي نثار کهڙي سميت وڌيڪ 4 ميمبرن حلف کنيو، ڪالهه اجلاس شروع ٿيڻ بعد اسپيڪر اويس قادر شاهه نون چونڊيل ايم پي ايز پ پ جي ڄام مهتاب ڏهر، نثار کهڙي، سميتا افضال ۽ سريندر ولاسائي کي حلف کڻايو.
-
رمضان ۾ سنڌ، بلوچستان لاءِ گئس شيڊول جاري
ڪراچي (رپورٽر)سوئي سدرن گئس ڪمپني چيو آهي ته سحري ۽ افطار جي وقت ۾ گئس فراهم ڪئي ويندي، سوئي سدرن گئي ڪمپني جي ترجمان چيو ته سوئي سدرن گئس رمضان دوران پنهنجن سمورن صارفين جي سهولت لاءِ سحري ۽ افطاري تيار ڪرڻ جي وقتن ۾ گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، رمضان ۾ گئس جا وقت صبح 9 وڳي کان شام 3 وڳي تائين هوندا، جڏهن ته رات جي وقتن ۾ هي پروفائلنگ رات 10 وڳي کان 3 وڳي تائين ڪئي ويندي.
-
اعظم سواتي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي
ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف ڏنو ويو آهي ته اعظم سواتي کي پنهنجي سياست جاري رکڻ ۾ قانوني مونجهارا ٿي رهيا آهن ۽ کيس ڪيترن ئي گرفتارين ۽ ڪوڙين ايف آءِ آرز کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، لاڳاپيل پوليس آفيسر ڪيسن جي حوالي سان مناسب ڄاڻ فراهم نه پيا ڪن، موقف اختيار ڪي ويو آهي ته رپورٽن ۾ لڳل الزام ڪوڙا، من گهڙت ، بي بنياد ۽ پريشان ڪندڙن آهن، الزامن جو مقصد ان جي ساک جي نقصان پهچائڻ ۽ ناجائز فائدو وٺڻ آهي، درخواست ۾ ايف آءِ آر کي منصوخ ڪرڻ ۽ پنهنجي خلاف لڳايل الزام ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ان جي تڪڙي ٻڌڻي جي اپيل به ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، هوم سيڪريٽري سنڌ ۽آءِ جي سنڌ کي ڌر بڻايو ويو آهي.
شير افضل مروت پارليامينٽ ۾ جهيڙاڪ طور مشهور،روزي بابت نئين فتويٰ!
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جو چوڻ آھي تھ جيڪي ماڻھو نوازشريف جي تصوير واري ٿيلھي وارو اٽو حاصل ڪندا،انھن جو روزو حرام ٿي ويندو،شير افضل ايوان اندر سگريٽ ڇڪي ٿو ۽ منع ڪرڻ تي نٿو مڃي،ٻين ميمبرن سان وڙھندو رھي ٿو، ھن ايم ڪيو ايم اڳواڻ سان ذري گھٽ جھيڙو ڪيو ھو.ماڻھن ۾ وچ ۾ پئي اھو جھيڙو ٽاريو،جنھن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تھ پي ٽي آءِ جي ڇا صورتحال آھي.جاويد چوڌري موجب ھڪ عورت ميمبر ساڻس شڪايت ڪئي تھ ھو ان سامھون اچي چئي رھيو ھو تھ ”ھا ڀئي ڪھڙا حال آھن “؟، ٻئي پاسي پارٽي اندر اھو ذڪر بھ ٿي رھيو آھي تھ ھن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻايو پيو وڃي.جيڪو ھڪ وڏو عھدو ھوندو آھي.جيڪڏھن ائين ٿيو تھ پوءِ ڇا ٿيندو ؟