سني اتحاد ڪائونسل پاران مخصوص سيٽون نه ملڻ جو فيصلو چئلينج

لاهور(م ڊ) سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا مخصوص سيٽون نه ملڻ واري فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج  ڪري ڇڏيو. سُني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن نه ٽربيونل آهي ۽ نه ئي عدالت. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل کي پنجاب اسيمبلي ۾ سيٽن جي تناسب سان مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن. سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن وڙهڻ يا نه وڙهڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. صاحبزاده حامد رضا جي درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو عمل آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي برابر آهي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو سندس اختيار کان ٻاهر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.