وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۾ ھن وقت تائين ڪئين ڪھاڻيون جڙي چڪيون آھن،جيڪي ھن ايڪھين صديءَ ۾ داخل ٿيل ۽ سڌريل قرار ڏنل دنيا جي چھري تي ڪارو داغ آھن.جيتوڻيڪ ڌرين وچ ۾ جنگ بند ڪرڻ جي لاءِ ڳالھين جو ذڪر ٿي رھيو آھي پر اھڙي اڳڀرائي تي ھاڻي ڪنھن کي انڪري يقين نھ پيو اچي.ڇاڪاڻ جو ھن جنگ ۾ اھم ۽ سگھاري ڌر اسرائيل جا خطرناڪ ارادا ڪنھن نھ ڪنھن ھنڌان پڌرا ٿي رھيا آھن.جنھن ۾ اھو بھ بحث ٿي رھيو آھي تھ اسرائيل آمريڪا جي ڳالھھ بھ مڃڻ لاءِ تيار نھ آھي.
ٻئي طرف انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي گھڻي گوڙ ٿيڻ باوجود انھن کي روڪڻ جي لاءِ ڪا بھ منظم ڪوشش نھ ٿي رھي آھي.جنگ جي ستائيل لکين ماڻھن کي امداد جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران بم ھڻي انھن کي سازش سان موت جي ننڊ سمھاريو پيو وڃي.
تازو آمريڪا اردن سان گڏجي اتر غزا ۾ اردن ۾ 36 ھزار کاڌي جا پيڪيٽ اڇلايا آهن،انھن ٻنھي ملڪن جو ھي ٻيو گڏيل مشن هو.اها امداد صحت جي عالمي اداري طرفان ان بيان بعد ڪيرائي وئي آھي،جنھن ۾ چيو ويو ھو ته اتر غزه ۾ لکين ٻار بک سبب مري رهيا آهن.اندازي موجب اتر غزا اهو ۾ ٽي لک فلسطيني خوراڪ ۽ صاف پاڻي جي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. آمريڪا جي ان حڪمت عملي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، انساني حقن جي تنظيمن موجب ته ان اھو عمل علائقي ۾ وڌندڙ ضرورتن کي پورو نٿو ڪري سگهي. نھ رڳو اھو پر جھازن مان مٿان کان امداد اڇلائڻ جو مطلب ھي آھي تھ زمين رستي امدادي ڪوششون ناڪام ٿي ويون آھن.اھا ڳالھھ خطرناڪ صوتحال جي نشاندھي ڪري رھي آهي. امدادي گاڏيون مصر کان ڏکڻ غزه ۾ داخل ٿي رھيو آھن پر اتر غزا جو علائقو جنگ جو مرڪز آھي.ان ڪري اتي جي آبادي امداد کان محروم رھي آھي.
20 فيبروري بعد امداي رڪيل رھيو. ٽن هفتن بعد شروعات ٿيڻ سان امدادي قافلن کي وري پرتشدد حالتن کي منھن ڏيڻو پيو.فلسطيني صحت کاتي موجب اسرائيلي فوج امداد لاءِ آيلن تي فائرنگ ڪري ماڻهن کي مارجي ڇڏيو. اسرائيل موجب جاني نقصان امدادي گاڏين ھيٺٽ دٻجي وڃڻ سبب ٿيو.اھڙي ريت امداد جو ڪو مناسب طريقو نھ ھئڻ ڪري امداد ضايع ٿيڻ ۽ ان کان اڪثريت محروم رھي ٿي.
غزا جي ماڻھن ۽ دنيا جي انساني حقن جي تنظيمن جو مطالبو آھي تھ جنگي حالت ۾ موجود انھن ماڻھن کي امداد ڏيڻ جي لاءِ مناسب بندوبست ڪرڻ گھرجي.اھڙي عمل سان امداد جي آسري ۾ ماڻھن کي موت ملي رھيو آھي.جنھن جي فائدي کان گھڻو انساني حياتين جو نقصان پيو ٿئي.
ڪجھھ ھفتن ۾ غزا ۾ 20 ڀيرا کاڌي جو سامان جھازن ذريعي اڇلايو ويو آھي.ان مشن ۾ آمريڪا ۽ اردن سان گڏ فرانس،گڏيل عرب مارات ۽ مصر پاران اسرائيل فوج جي سھڪار سان ڪيو ويو آھي. ان ھوندي بھ ھڪ تھ اھا امدا ناڪافي آھي ٻيو تھ اھا ضرورت مندن کي محفوظ طريقي سان نٿي ملي.جنھن ڪري ان جو حل اسرائيل تي دٻاءَ وجھي ڪري زميني رستي پھچائڻ ئي آھي.