9 مئي وارن سان ڪا به رعايت ناهي

تحرير: انصار عباسي

مئي جي ذميدارن کي ڪنھن بھ رعايت  ملڻ جو امڪان نظر نٿو اچي.وزيراعظم شھبازشريف چونڊجڻ بعد قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪئي.جنھن ۾ ھن جيتوڻيڪ مفاهمت جي ڳالهه ڪئي، چئني صوبن سان گڏجي ڪري، پاڪستان جي ترقيءَ جو عھد روجايو، پر 9 مئي جي حوالي سان ھن جو چوڻ هو ته انھن واقعن ۾ ملوث عنصر کي سزائون ضرر ملنديون.هن چيو ته  جيڪي ان واقعي ۾ ملوث نھ ھئا،انھن کي ڪا تڪليف نه پهچائي ويندي.پر شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن کي ضرور سزا ڏني ويندي.

گذريل ڏينھن آرمي چيف جي صدارت ۾ ڪورڪماندرز جي ڪانفرنس ٿي.جنھن ۾ ٻين معاملن کان علاوه 9 مئي جي واقعن تي ڳالھه ٻول ٿي ۽ ان عھد کي ورجايو ويو تھ9 مئي جي منصوبي جي رٿابندي ڪندڙن، ڀڙڪائيندڙن،حوصلھ افزائي ڪندڙن، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪندڙن ۽ فوجي تنصيبات تي حملو ڪندڙن کي يقيني طور تي قانون ۽ آئين جي لاڳاپيل شقن تحت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

فوج جي ٽاپ ڪمانڊرز جي ان ڪانفرنس ۾ چيو ويو تھ 9 مئي جي  حوالي سان غلط معلومات پکيڙيندڙن جي بدنيتي تي ٻڌل ڪوشش بلڪل بي فائدي آھن،جيڪي صرف بدنيتي وارن سياسي مفادن جي حصول جي لاءِ منظم مھم جو حصو آھن،تھ 9 مئي جي سازشي سرگرمين تي پردو وجھي سگھجي.

آءِ ايس پي آر، طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق فورم ڪجھھ سازشي عنصرن پاران سماج ۾ مايوسي ۽ ورڇ پئدا ڪرڻ جي پکڙيل منظم ڪوڙين ۽ جعلي خبرن تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ۽ عوام تي زور ڀريو تھ مثبت ۽ متحد رھي،ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ دل سان حصو وٺي.

پهرين وزيراعظم ۽ پوءِ وري ڪور ڪمانڊرز جي طرفان 9 مئي جي حوالي سان جيڪو ڪجهھ چيو ويو آھي تھ ان مان اھا ڳالهه واضح ٿي وئي ته نئين حڪومت ۽ فوج 9 مئي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نھ آهي.ان جو مطلب اھو ٿيو تھ تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جا ٻيا ڪيترا ئي اڳواڻ، جيڪي 9 مئي سانحي جي ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھن،انھن لاءِ مشڪلات گھٽجڻ واري نھ آھي.

چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي جيڪو منڊيٽ مليو آھي، ان کان پوءِ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ جيڪي اڳ پوليس۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڊپ کان لڪي رھيا ھئا،انھن مان اڪثر، خاص طور تي جيڪي چونڊون کٽي آيا ھئا، سي سامهون اچي ويا.ڪنهن جي گرفتاري نه ٿي ھئي،بلڪھ خيبر پختون خواهه ۾ 9 مئي جي ڪيس کي منھن ڏيندڙ علي امين گنڊاپور وزير اعليٰ پڻ بڻجي ويو. نھ رڳ ايترو پر ،پنھنجي چونڊجڻ بعد گنڊاپور  پنھنجي تقرير ۾ پوليس کي وارننگ ڏني تھ ستن ڏينھن جي اندر اندر  9 مئي جي ڪيسن کي منھن ڏيندڙن سمورن بي گناھ فردن جا ڪيس ختم ڪيا وڃن،نھ تھ نتيجا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن.

ان مان اھو تاثر مليو رھيو ھو ته 9 مئي جي مسئلي تي ڪنهن  قسم جي نرمي ڏيکاري پئي وڃي.بھرحال  ان تاثر کي وزيراعظم ۽ فوج  رد ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف عمران خان ۽ اُن جي پارٽيءَ  جي ٻين اڳواڻن  خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير سميت  اھو مطالبو ڪن ٿا تھ   سپريم ڪورٽ 9 مئي جي واقعن تي ڪميشن جوڙي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ ڪمشن جوڙڻ جي مطالبي جي حمايت ڪندي سوال اٿاريو تھ،ڇا تحريڪ انصاف ڪميشن جي فيصلي کي قبول ڪندي ؟ ھاڻي اڳيان ڏسون تھ ڇا ٿو ٿئي پر انصاف جي گھرج اھا ئي آھي تھ جيڪي ماڻهو 9 مئي واقعن ۾ واقعي ملوث هئا، انهن جي خلاف تھ ڪيس هلايا وڃن پر جيڪڏهن ڪو به بي ڏوھي انھن ڪيس ۾ جيلن ۾ بند آھي يا اانھن خلاف  ايف آءِ آر داخل آھي تھ انھن خلاف اھڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. جيتري قدر ڪميشن ٺاهڻ جي مطالبي جي ڳالهه آهي ته منهنجي خيال ۾ 9 مئي جي واقعن تي ڪميشن جيڪو بھ فيصلو ڪندي ،اھو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي قبول ھوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.