لاھور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۽ ٻاهرين ڪمپنيون کان سواءِ ملڪ جون زمينون ننڍن هارين زرعي گريجوئيٽس نوجوانن ۾ ورهايون وڃن. جماعت اسلامي هارين کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي نقلي ٻج ڀاڻ وڪرو ڪرڻ وارن کي ڳولي سزائون ڏنيون وڃن زرعي دوائن ۽ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. جعلي اليڪشن ۾ انهن ماڻهن کي آندو ويو جن ڪافي عرصي کان ملڪ کي لٽي تباھ ڪيو آهي واپاري آبادگار پنهجي مسئلن جي حل لاءِ جماعت اسلامي جي جهنڊي هيٺ جمع ٿين. انهن خيالن جو اظهار هن منڊي بهاولدين ۾ جي آئي هارين جي زير اهتمام هارين ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. امير جماعت اسلامي پنجاب شمالي ڊاڪٽر طارق سليم صدر جي آئي هاري سردار ظفر حسن به ان موقعي تي موجود هئا،هن چيو ته اليڪشن هارائي وئي پر اسان جا حوصلا نه هاريا آهن اسان عوام ۾ موجود آهيون ۽ موجود رهنداسين هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته هاري خوشحال ٿيندو ملڪ خوشحال ٿيندو جماعت اسلامي الله جي دين جي نفاذ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي هاري نڪرن ۽ جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڀرپور احتجاج ڪندي.سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ 79ملين ايڪڙ زمين مان صرف 23ملين آباد آهي اسان کي خوراڪ خريد ڪرڻي پوي ٿي زرعي مشينري تي ٽيڪس مڙهيل آهي دوائن جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي هارين کي زمينون مفت ۾ ڏيندي ٻج ۽ ٽريڪٽر ڏيندي، هن چيو ته ملڪ تي 82 هزارارب قرض آهي ٻڌايو وڃي ته اهو قرض ڪٿي خرچ ٿيو ؟ 70کان وٺي ڪرپٽ حڪمرانن کي اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل آهي. جماعت اسلامي جي منشور ۾ زراعت ۽ صنعت جي بهتري لاءِ انقلابي قدم متعارف ڪرايا ويا آهن.
هن چيو ته اسان سان ٿيل ڌانڌلي تي خاموش نه ويهنداسين جدوجهد جاري رهندي.