اسلام آباد(م ڊ) بي بي سي مطابق فوج 9 مئي واقعن تي سخت موقف ڏئي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف کي پيغام موڪلي ڇڏيوهڪ رٽائرڊ جنرل پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بي بي سي کي ٻڌايو ته ملڪ لاءِ اها سٺي ڳالهه آهي ته جهيڙو نه ٿئي ۽ ٻنهي طرفن فوج ۽ تحريڪ انصاف کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.سندس موجب هي اعلان ظاهر ڪري ٿو ته ٻئي ڌريون دٻاءُ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيون آهن.سينيئر صحافي سلمان غني موجب اهو اعلان تحريڪ انصاف لاءِ واضح پيغام آهي.سندس چوڻ هو ته عمران خان وٽ 8 فيبروري تي سونهري موقعو هو ته هو انهن نتيجن کانپوءِ سياسي پارٽين سان ڊيڊ لاڪ ختم ڪري. بلاول ڀٽو جو لاڙو تحريڪ انصاف ڏانهن هو پر اهو دروازو عمران خان پاڻ بند ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جون مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهائڻ جو فيصلو سياستدانن لاءِ هڪ پيغام آهي ۽ اهو سياسي طور سٺو پيغام ناهي،بي بي سي موجب نئين حڪومت جي قيام کان اڳ به قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن جون تقريرون سرڪاري ٽي وي تي سينسر ٿي چڪيون آهن.هڪ ٻئي رٽائرڊ جنرل نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته فوج کان وڌيڪ هن وقت حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو 9 مئي جو وڌيڪ حوالو ڏين ٿا ۽ هاڻي اهي ان اعلان(ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پڌرائي) کي تحريڪ انصاف لاءِ سرٽيفڪيٽ آف ايڪشن طور استعمال ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته عدليه تمام محدود رليف ڏنو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ عورتن جو وڏو انگ اڄ به جيلن ۾ آهي پر عدليه ڪو به نوٽيس نه وٺي رهي آهي، ڪو به رليف نه ڏئي رهي آهي ۽ هاڻي حڪومت به جرئت سان ڪم ڪندي. تحريڪ انصاف کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن،تحريڪ انصاف اڳواڻ اشتياق اي خان چيو ته هڪ طرف عدليه 45 سال اڳ ڦاهي ۾ رليف ڏئي رهي آهي ته پوءِ عدليه لاءِ ڏکيائي ٿيندي ته اها زنده سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ڪنهن جي ڊپ کان رليف نه ڏئي، سندس چوڻ هو ته هاڻي حڪومت به قانون ۽ آئين کان انحراف نٿي ڪري سگهي ڇو ته ڪنهن کي به رڳو ان ڪري جيل ۾ نٿو رکي سگهجي ته هن ڪنهن خاص واقعي ۾ ڪجهه مشورو ڏنو آهي.هڪ رٽائرڊ جنرل جو چوڻ هو ته ”تحريڪ انصاف جهڙي پارٽي روايتي موروثي سياستدانن کي نٿي وڻي ۽ هاڻي اهي ان اعلان جي آڙ ۾ 8 فيبروري جي ڪاوڙ ڪڍندا