اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منيرملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيراعظم چونڊجڻ تي شهباز شريف کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪي سلامتي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي پاڪ فوج جي پيشوارڻين ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.