سياست ۾ مداخلت ٿيندي ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو ٺهراءُ مون کي تنقيد کان نٿو روڪي سگهي: فضل الرحمان

لاهور( م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اها اڄ به اسان جي اختلاف راءِ آهي ته  فيصلا عوام کي ڪرڻا آهن يا اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي؟قانونسازي عوام کي ڪرڻا آهن يا پٺيان کان  ڊڪٽيٽ ڪرائي ڪرايا ويندا، ڌانڌلي وارين چونڊن کي قبول نه ڪرڻ منهنجي سُتي ۾ شامل آهي، لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جي متفقه آئين ۾ قومي نصاب جي اهميت آهي، پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ آئين جو تحفظ نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اختلافن باوجود اسان سياستدانن جو احترام ڪريون ٿا. پر اسان کي ٻاهرين دنيا جي اثر کان ٻاهر نڪرڻو پوندو،هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ٻڌائين ته جيترو مينڊيٽ 2018ع ۾ هو هن ڀيري به گهٽ يا وڌ ايترو ئي مليو آهي ته هن ڀيري اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪيئن ناهي ٿي؟ فضل الرحمان اهو ئي سوال پي ٽي آءِ کان به پڇيو ته 2018ع ۾ ڌانڌلي ناهي ٿي ته هن ڀيري ڌانڌلي ڪيئن ٿي؟ اسان جي انصاف واري نظام جو معيار اهو آهي ته ’جڏهن ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻو هوندو آهي ته هڪ هفتي ۾ هڪ سئو ڪيس نمٽايا ويندا آهن ۽ جنهن کي اقتدار تان هٽائڻو هوندو آهي، ان لاءِ هڪ هفتي ۾ هڪ سئو ڪيس قائم ڪيا ويندا آهن.طاقتور قوتن کي ان تي ٿورو سوچڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي دلين ۾ فوج جو قدر هجڻ گهرجي، اها اسان جي دفاعي قوت آهي.پر جيڪڏهن اها سياست ۾ اچي ٿي، منهنجي اليڪشن کي سبوتاز ڪري ٿي، عوامي راءِ کي سبوتاز ڪري ٿي، سياست ۾ مداخلت ڪري ٿو، ته پوءِ هڪ دفاعي قوت جي حيثيت سان مون کي دفاعي اداري تي تنقيد ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي.پر جيڪڏهن اهو سياسي ادارو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪو به ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو ٺهراءُ مون کي ان تي تنقيد ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي،هن چيو ته جڏهن کان لياقت علي مرحوم آمريڪا ويو ان کان پوءِ اسان کي ٻاهرين پئسي جو چسڪو لڳي چڪو آهي، اسان جي معيشت عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي ادارن وٽ قيد آهي،پاڙيسري ملڪ چين، ڀارت ڏسو  انهن ڪيتري معاشي ترقي ڪئي آهي،اسلامي دنيا جو ايٽم بم هئڻ باوجود فلسطين ۾ 31 هزار مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن، معصوم ٻار ۽ عورتون بک سبب گاهه کائي رهيا آهن، توهان ايٽم بم جا مالڪ آهيو پر اهو بم سنڀالڻ توهان لاءِ مسئلو بڻيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.