بنگالي ٿڏي تي پلاند ڪري ويا، سريلنڪا کي ٻي ميچ ۾ اٺ وڪيٽن تان شڪست، سيريز برابر

سهلٽ ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا اٺ وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1 – 1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي.
سهلٽ جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪا پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون، ڪمينڊو مينڊس 37، ڪوشل مينڊس 36 ۽ انجيلو ميٿيوز 32 رنسن سان اڳڀرا رهيا، ڪپتان چيراٿ اسلانڪا 28 ۽ سديرا سمارا وڪرما 7 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي تسڪين احمد، مهدس حسن، مستفيض الرحمان ۽ سوميا سرڪار هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
بنگلاديش سريلنڪا جي 166 رنسن جو هدف ڪپتان ناظم الحسن شانتو جي 53 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز جي مدد سان 19 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ٻئي آئوٽ ٿيندڙ بيٽر مٿيشا پٿيرانا جو شڪار بڻيا.
ليٽن داس 36، سوميا سرڪار 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته توحيد ناقابلِ شڪست 32 رنسون ٺاهي موٽيو.
شاندار بيٽنگ تي ناظم الحسن شانتو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 1-1 تان برابر آهي، سريلنڪا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي ٽن رنسن تان شڪست ڏني هئي، سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي ميچ نوَ مارچ ڇنڇر ڏهاڙي سهلٽ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.