ايڪس جي بندش، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي اي چيئرمين خلاف توهين عدالت ڪارروائي جو اشارو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا ايپ ايڪس جي بندش جي ڪيس ۾ پي ٽي اي چيئرمين کي توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايڪس جي بندش بابت ڪو اثرائتو جواز نه پيش ڪيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا ايپ ايڪس جي بندش جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت توهين عدالت جي درخواست تي لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت پي ٽي اي چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ايڪس جي بندش تي اثرائتو جواز پيش نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بحالي بابت جاري منع نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي ۽ عدالتي حڪم وفاقي حڪومت، پي ٽي اي سميت ٻين کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.