کونگھرن سان دماغي ڪمزوري ۽ ذهني مرض وڌڻ جو انڪشاف

ننڊ ۾ کونگھرا ڏيندڙ ماڻهن ۾ يادداشت جي ڪمزوري يا سوچڻ جي مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
بوسٽن ميڊيڪل سينٽر جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اوبسٽريڪٽو سليپ اپنيا (او ايس اي) ننڊ جي بيماري جو شڪار ماڻهن ۾ ذهني مرضن جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
ان بيماري جو شڪار ماڻهن جو ننڊ دوران ساهه هر هر بيهجي ويندو آهي جنهن سان کونگھرن سان گڏوگڏ مختلف طبي پيچيدگين جو خطرو وڌندو آهي.
حقيقت ۾ کونگھرا ان عارضي جي عام علامت آهي.
ان بيماري جو شڪار ماڻهن کي اڪثر صبح جو اٿڻ تي مٿي ۾ سور يا ڪمن تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائين جهڙين علامتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
تحقيق ۾ 4257 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو ۽ سندن ننڊ جي معيار، يادداشت ۽ ذهني صحت جي ٻين مسئلن بابت سوالنامه ڀرايا ويا.
تحقيقي دوران 1079 ماڻهن ۾ اها بيماري ظاهر ٿي.
انهن مان 33 سيڪڙو يا 357 ماڻهن ۾ يادداشت يا سوچڻ جي مسئلن کي رپورٽ ڪيو ويو.
يادداشت ۽ سوچڻ جي مسئلن جو سبب بڻجندڙ عنصرن جهڙوڪ عمر، جنس، تعليم ۽ ٻين کي نظر ۾ رکڻ کان پوءِ خبر پئي ته سليپ اپنيا جو شڪار ماڻهن ۾ ذهني مرصن مان متاثر ٿيڻ جو طرو 50 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.
محققن ٻڌايو ته اها بيمار هڪ اهڙو عارضو آهي جنهن جي گھڻو ڪري سڃاڻپ به نه ٿيندي آهي پر ان جو علاج سولو ٿيندو آهي.
هنن چيو ته تحقيق ڪنهن حد تائين محدود آهي ڇو جو ان ۾ ماڻهن جي راءِ تي ڀاڙيو ويو آهي تنهنڪري نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن ڄاڻي سگھجي ته سپيل اپنيا سان يادداشت يا ٻين ذهني مسئلن جو خطرو ڇو ٿو وڌي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.