پشاور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ کدڙو فقير قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ کدڙو فقير مارجي ويو.
پوليس موجب دلزاڪ روڊ تي نجي پلازا ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 کدڙا فقير ۽ هڪ واٽهڙو زخمي ٿي پيو، جن کي اسپتال نيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته کدڙو فقير عمر نواب عرف عاصمه شاهه زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته کدڙو فقير مقصود عرف گرمه ۽ عرفان عرف بجلي زخمي آهن.
واقعي کانپوءِ پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.