ترڪ صدر جي اسرائيل کي ڌمڪي

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن رمضان ۾ فلسطينين لاءِ مقدس هنڌ بند ڪيا ويا ته اسرائيل کي سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.
ترڪ صدر فلسطيني صدر محمود عباس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شرپسندن کي روڪڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجو پيغام پهچائي چڪا آهيون.
هن چيو ته اسرائيلي آبادڪار اسرائيل فلسطين تڪرار جي حل جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن.
رجب طيب اردگان چيو ته اسرائيل رمضان مهيني ۾ فلسطيني لاءِ مقدس هنڌ بند ڪيا ته ان کي انتهائي سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.