لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ قومي ڪرڪيٽرن جي فوجي ٽريننگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
قومي ڪرڪيٽرن مستقبل جي چئلينجز جي تياري لاءِ ڪاڪول اڪيڊمي ۾ فوجي ٽريننگ ڪندا جڏهن ته رمضان دوران به مشقون جاري رهنديون.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي قومي ڪرڪيٽرن کي خطاب ڪندي چيو ته بورڊ انتظاميا ڪرڪيٽرن جي فٽنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي.
هن ٻڌايو ته نيوزيلين جي ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، قومي ٽيم کي انگلينڊ، آئرلينڊ ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز وڃڻو آهي، ٽريننگ لاءِ وقت ڪڍڻ مشڪل هو پر 25 مارچ کان 8 اپريل تائين ڪرڪيٽرن جي ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪئمپ لڳندي.
You might also like