ڪرمپور ڀرسان پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي آزادي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

خانپور (ن ع آ) خانپور ڀرسان پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي آزادي لاءِ وارثن طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ڳوٺ مهرو ماڙي واسي پوليو ورڪر نعيم ٻپڙ جي آزادي لاءِ وارثن ۽ شهرين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هفتو  اڳ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ پوليو ٽيم سان گڏ ورڪ دوران نعيم ٻپڙ کي اغوا ڪيو ويو هو، مغوي جي وارثن جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن مغوي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون آهن، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن، اسان کان لکين رپيا گهريا ويا آهن ۽ بدلي ۾ ڏوهارين کي ڇڏڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اسان پئسا ڪٿان آڻيون، پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپور هفتو گذرڻ باوجود نعيم ٻپڙ کي بازياب ڪرائڻ بدران سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي، اسان جي ٻچڙي جي زندگي کي خطرو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.