اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ يوٽيوبرز عادل راجا ۽ حيدر مهدي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جو عادل راجا ۽ حيدر مهدي سان ڪو به تعلق ناهي، وڊيو بيان اسد قيصر ۽ شير افضل مروت طرفان جاري ڪيو ويو آهي. اسد قيصر چيو ته عوام کي عادل راجا ۽ حيدر مهدي تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وٽ پنهنجي ميڊيا ۽ ترجمان آهي، رڳو پي ٽي آءِ ميڊيا ۽ ترجمان کان جاري ڪيل بيان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يوٽيوب وارا ڪجهه ڏينهن کان شير افضل مروت خلاف مهم هلائي رهيا آهن، اهي يوٽيوبرز شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي خلاف به مهم هلائيندا رهيا آهن، اسد قيصر چيو ته آئين ۽ قانون بابت اسان جي جدوجهد جاري آهي، اسان ڪڏهن به فوج خلاف نه ڳالهايو آهي. پي ٽي آءِ جي باني چيو ته ملڪ ۽ فوج منهنجو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ سول بالادستي چاهيون ٿا، عادل راجا ۽ حيدر مهدي جي پروپيگنڊا تي اعتبار نه ڪيو وڃي، تحريڪ انصاف جو انهن يوٽيوبرز سان ڪو به تعلق ناهي، اسد قيصر وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو پنهنجو ترجمان ۽ پنهنجو بيانيو آهي، ان کي سامهون آڻڻ گهرجي.
-
عادل راجا جي آرمي چيف بابت آڊيو ليڪ پي ٽي آءِ کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي
لاهور(عوامي آواز نيوز) تازو آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته مبينه طور اڳوڻو ناڻو وزير اسحاق ڊار آرمي چيف بابت ڳالهائيندي چئي ٿو ته عوام آرمي چيف کي خراب گاريون ڏئي رهيو آهي، هو بدنام ۽ بي عزت ٿي چڪو آهي. امداد سومرو پنهجي وي لاگ ۾ ٻڌايو آهي ته اهڙي آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ اسحاق ڊار آرمي چيف بابت چئي ٿو ته هو بدنام ٿي ويو آهي، ماڻهو مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن، هن آڊيو ليڪ جي خبر ٻاهر ويٺل پاڪستاني وي لاگر ڏني آهي جنهن جي ويجهڙائي پي ٽي آءِ سان رهي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ انهن کان لاتعقلي جو اظهار ڪيو آهي. مفتاح اسماعيل جي جڳهه تي نواز شريف اسحاق ڊار کي ناڻي وزير ڪيو هو جنهن جي دور۾ مهانگائي جو طوفان آيو. مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف جا سخت شرط مڃڻ کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته اسحاق ڊار اهي شرط مڃي ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار ڪيو ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ٿي وئي. ملڪ کان ٻاهر ويٺل وي لاگر عادل راجا جيڪو اڳوڻو ميجر هيو، عادل راجا اها آڊيو ليڪ ٽئيٽر تي رکي جنهن ۾ اسحاق ڊار چئي ٿو ته آرمي چيف کي خراب گاريون پيون ملن، ماڻهو ته آرمي چيف جو نالو به زبان تي نه آڻيندا هئا ڪنهن دور ۾، جنهن جنهن مون سان (اسحاق ڊار سان) منافقت ڪئي اهي جيل ويا.هن چيو ته اصل ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي دور جي آڊيو ليڪ آهي جنهن بابت اهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. ان وقت عام ماڻهو تي وات تي اها ڳالهه هئي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عمران خان کي آندو آهي. جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد بابت ماڻهو عام طور تي تنقيد ڪندا رهيا. پر عادل راجا پنهنجي وي لاگ ۾ چئي ٿو ته آڊيو جنرل عاصم منير بابت آهي.عادل راجا جون ڪيل ڳالهيون پي ٽي آءِ جي ڳچي پيون آهن جنھن سبب پارٽي هن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.