راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ سُني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ملڻ ۽ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڏيڻ خلاف اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.اهڙو اظهار پي ٽي آءِ اڳواڻن شير افضل مروت، شندانا گلزار، عاطف خان، شهريار آفريدي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عمران خان آچر تي مظاهري جو سڏ ڏنو آهي جنهن ۾ هو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج ڪندو ڇو ته اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جون خاص سيٽون ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اڳواڻن چيو ته عوام پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو پر اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ ن ليگ ۽ پ پ کي ڏنو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي جنهن خلاف آچر تي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو ڪو شارٽ ٽرم پلان ناهي، پاڪستان وٽ رڳو پرڏيهي ترسيلون آهن، جڏهن ته نواز شريف ۽ شهباز شريف پنهنجي دولت ٻاهر موڪلي رهيا آهن، ۽ پرڏيهه مان فارين ريمي ٽينسز آڻيندڙ کي جيل ۾ وڌو ويو آهي، جيڪڏهن اسان کي اقتدار ڏنو وڃي ته ملڪ هلي سگهي ٿو. هڪ ڪروڙ اوورسيز پاڪستانين جي مدد سان فوري رقم ملي سگهي ٿي، شير افضل مروت جو چوڻ هو ته جڏهن به احتجاج ٿيندو ته سموريون ڌريون گڏ ٿينديون ۽ وڏو احتجاج ڪيو ويندو، هن آچر تي خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف تاريخي احتجاج ٿيندو.
-
صدارتي چونڊ، اميدوارن جي حتمي لسٽ ڇپجي وئي
اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ شايع ڪري ڇڏي، جنهن مطابق پ پ جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جو اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ون ٽو ون مقابلو ڪندا،
يار رهي ته گذريل ڏينهن صدارتي اليڪشن لاءِ آصف زرداري ۽ محمود خان اچڪزئي جا ڪاغذ منظور ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي نالن جي حتمي لسٽ به جاري ڪري ڇڏي آيه. صدارتي چونڊن لاءِ پولنگ 9 مارچ تي پارليامين هائوس اسلام آباد ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صبح 10وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندي.
-
اليڪشن ڪميشن جو احترام ڪيو وڃي: چيف جسٽس
اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي يو آءِ جي خليل الرحمان جي 11 پولنگ اسٽيشنز تي 2 ڀيرا پولنگ جي فيصلي جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين واضح آهي، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ان جو احترام ڪريو، آئين جي ڀڃڪڙي نه ٿئي ته مداخلت نه ڪنداسين.