اسلام آباد (م ڊ ) شهباز شريف جي وزيرِاعظم چونڊجڻ تي ڀارتي هم منصب نريندي مودي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان جي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني،ان کان اڳ سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان، ترڪ صدر طيب اردگان ۽ ايراني صدر به شهباز شريف وزارتِ عظميٰ جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪون ڏئي چڪا آهن.