اپوزيشن اڳواڻن جي تقرير ٽي وي تي لائيو ڏيکارڻ تي پابندي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)حڪومت ٺھڻ کان اڳ ئي ھڪ سينسرشپ پاليسي ٺھي وئي آھي.جنھن ڪري اپوزيشن اڳواڻن جي قومي اسيمبلي  جون تقريرون بھ نٿيون ڏيکاريون وڃن.جنھن جو مطلب تھ ھاڻوڪي حڪومت جي اخلاقي جرئت ڪھڙي رھي ٿي.ھڪ اھڙي حڪومت جنھن ۾ اپوزيشن کي ڳالھائڻ جو موقعو بھ نھ پيو ڏنو وڃي.اھو عمل جمھوري حڪومت جي نفي آھي،صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آھي تھ ايتري سينسرشپ تھ نگران حڪومت ۾ بھ نھ ھئي.اھو سلسلو جاري رھيو تھ ڪجھھ وقت ۾ اپوزيشن جي ٽيلويزن شو ۾ بھ ڳالھائڻ تي پابندي لڳي ويندي.ھن کان اڳ پيپلزپارٽي،مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم بھ ان عمل مان گذري چڪيون آھن.جيڪي ھن وقت اسيمبلي ۾ ڳالھائي رھيا آھن انھن تي ميڊيا تي پابندي لڳي ھئي.ان وقت اوھان ان کي غلط چئي رھيا ھئا تھ اھا ساڳي ريت ھن وقت ورجائڻ غلط لاڙو آھي.ان وقت بھ ميڊيا اھڙي پابندي تي تنقيد ڪئي ھئي.جيڪڏھن اڄ انھن کي سينسر ڪيو پيو وڃي تھ سڀاڻي اھو سڀ ڪجھ اوھان سان بلڪھ سڀني سان ٿيندو، پوءِ اوھان سان بيھڻ وارو ڪو بھ نھ ھوندو.ان قسم جي سياسي ڪلچر مان ڪنھن کي بھ ڪو فائدو نھ ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.