سڄي دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سروس اوچتي بند، صارف پريشان

ڪراچي (م ڊ ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي واهپيدارن جا اڪائونٽ اوچتو لاگ آئوٽ ٿي ويا، اڻڄاتل سببن  جي ڪري فيس بڪ تائين رسائي بند ٿي وئي ، سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جي واهپيدارن کي سيشن ايڪسپائر ٿيڻ جا نوٽيس مليا جنهن بعد سندن اڪائونٽ لاگ آئوٽ ٿي ويا.صارفين جي مطابق انسٽاگرام، ٿريڊز ۽ فيس بڪ ميسنجر تي به مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ٻئي طرف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس ۽ اڳوڻي ٽوئيٽر تي واهپيدار وڏي تعداد ۾ فيس بڪ ۽ ٻين ايپليڪشن بند ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون . هوڏانهن فيس بڪ بند ٿيڻ سبب صارفين پاران دلچسپ ميمز جا ڀرمار لاهي ڇڏيا، ايڪس تي صارفين پنهنجا اڪائونٽ بند ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ٻئي پاسي صارف پاران دلچسپ ميمز جي ڀرمار لاهي ڏني.هوڏانهن  فيس بڪ جون سروسز بند ٿيڻ تي فيس بڪ انتظاميا جو موقف سامهون اچي ويو، فيس بڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته سائيٽ ۾ ٽيڪنيڪل خرابي سبب فيس بڪ ڊائون ٿي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.