وڏي وزير سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پوليس ۾ 25 هزار اهلڪار ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي  صدارت هيٺ پوليس ۾ ڀرتين بابت اهم اجلاس ٿيو،  آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ، ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ پاران ايس آءِ بي اَي ٽيسٽنگ سروس ذريعي ڀرتين بابت بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 25 هزار اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ مرحليوار ٽيسٽ شيڊول متعارف ڪرايو ويندو،  آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير 25 هزار اهلڪارن جي ڀرتي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، نئين ڀرتي سان پوليسنگ مضبوط ٿيڻ سان گڏ هزارين نوجوانن کي روزگار به ملندو،آءِ جي سنڌ چيو ته ڀرتين ۾ عورتن، اقليتن ۽ معذور ماڻهن جي مخصوص ڪوٽا تي به خاص ڌيان ڏنو وڃي، آءِ بي اي جي وائيس چانسلر چيو ته اسان جي ٽيم ان منصوبي بابت ضروري قدم کڻڻ بعد سنڌ پوليس سان رابطو ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.