ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شاگرد لاريب قتل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون ۾ سعاد بن ماذ مسجد ڀرسان ڦر جي دوران مزاحمت ڪرڻ  خانگي يونيورسٽي جو شاگرد 22 سالن محمد لاريب پٽ محمد حسين قتل ٿي ويو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته 2 ڦورن 22 سالن جي نوجوان کان موبائل فون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ڪيو، مقتول بي بي اي جو شاگرد ۽ اڪائونٽنگ تي ڪتاب لکي رھيو ھو. مقتول جي والد محمد حسين  ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجو پٽ گھر مان جم وڃڻ لاءِ نڪتو ھو لاريب اڪائونٽس تي ڪتاب لکيو ھو، جوابدارن پٽ کان موبائل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، موبائل فون ۾ لاريب جي ڪتاب جي ڊيٽا ھئي جنهن سبب هُن مزاحمت ڪئي، لاريب جي مڱڻي ٿي چڪي ھئي، ايندڙ سال شادي ٿيس ھئا، مقتول جي ڀاءُ شاھزيب ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو ڀاءُ بيسڪ اڪائونٽس تي ڪتاب لکي رھيو ھو،  هُن کي ٻاھرين ملڪ وڃڻو ھو اھڙن ئي پڙھيل لکيل نوجوانن جو قتل ٿيندو رھيو ته پاڪستان جو نقصان ٿيندو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو بي بي اي جي شاگرد لاريب جي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کان واقعي جي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته اهڙن واقعن جي ڪا به گنجائش ناهي، شاگرد اسان جو قيمتي سرمايو آهن، ماحول مان خوف جي فضا کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻو پوندو، ٻئي پاسي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ۽ ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار نيازي مقتول لاريب جي گھر پھچي ويا، نوجوان کي گذريل رات جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو ھو. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند پاران مقتول جي وارثن کي جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.