لاهور (م ڊ ) تُرڪ صدر طيب اردوان شهباز شريف کي ٻيون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ تي فون ڪري مبارڪباد پيش ڪئي آهي.صدر طيب اردوان شهباز شريف کي پاڪستان جي 24هين وزيراعظم بنجڻ تي نيڪ خواهشن جو اطهار ڪيو. ترڪ صدر پاڪستان کي ترقي جي رستن تي گامزن ڪرڻ جي شهباز شريف جي صلاحيتن تي اعتماد جو به اظهار ڪيو.ترڪ صدر چيو ته شهباز شريف جي وزيراعظم چونڊجڻ تي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ترُڪيه جي ترقي لاءِ ملي ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف چيو ته صدر رجب طيب اردوان جي نيڪ جذبن جي آجيان ڪريان ٿو. طيب اردوان هميشه ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان جي دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف طرفان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي به زور ڏنو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم جي چونڊ لاءِ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوار شهباز شريف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب وچ ۾ مقابلو ٿيو شهباز شريف کي 201 جڏهن ته عمر ايوب صرف 92 ووٽ کڻي سگهيو. اهڙي طرح شهباز شريف ٻيون ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظم چونڊجي ويو.