سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪروانِ حج ۽ انٽرنيشنل حج ڪوٽا بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ حج ڪوٽا معطل ڪرڻ خلاف ٽريول ايجنسين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڪاروان حج ۽ انٽرنيشنل حج ڪوٽا بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواستگذارن خلاف داخل ڪيسن جو قانون موجب فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي، سرڪاري وڪيل چيو ته ته چار ڪمپنين خلاف شڪايت ملي هئي ته هنن 111  ماڻهن کان پئسا ورتا ۽ 40 کي حج تي نه موڪليو، ڪمپنين فارم جمع ڪرائڻ وقت چيو ته هنن حاجين کي موڪلي ڇڏيو  آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا بٽ انٽرنيشنل جو ڪوٽا 50 ماڻهن کي حج تي موڪلڻ جو هو؟ سرڪاري وڪيل چيو ته ڪاشف نالي هڪ شهري ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي شڪايت ڪئي هئي، چيف جسٽس چيو ته پهرين شڪايت ڪندڙ ثابت ڪري ته هُن کان پئسا ورتا ويا آهن، اڳواٽ ڪيئن اندازو لڳائي سگهون ٿا ته ڪمپني پئسا ڦٻائي ڇڏيا آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان انهن سمورن ماڻهن کي حج ڪرايو  ۽ ماڻهو  باحفاظت واپس آيا، چيف جسٽس چيو ته شڪايت ڪندڙ ڪٿي آهي؟ شڪايت ڪندڙ  ايجنٽ ڪاشف عدالت ۾ پيش ٿيو، ايجنٽ ڪاشف چيو ته حج جي خواهش رکندڙن طرفان ايجنسي کي لکين رپيا ادا ڪيا ويا، چيف جسٽس چيو ته ڇا اهڙو نظام نه ٿو ٺاهي سگهجي ته جيڪي ماڻهو پئسا جمع ڪرائين اهي سڌو سنئون بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ٿين؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.