اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ آرمي چيف ۽ ٻين سروسز چيفس شرڪت ڪئي،هڪ طاقتور شخصيت سان ڪجهه ماڻهن ۽ ميڊيا واران ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوءِ وري ميڊيا جي ڪجهه نمائندن کيس چيو ته سر ايترو ته ٻڌائي ڇڏيو ته هي حڪومت هلي سگهندي جنهن تي ان طاقتور شخصيت چيو ته موجوده حڪومت هر صورت ۾ هلندي،ذريعن مطابق ٽن چئن وزارتن جي حوالي سان فائنل ٿي چڪو آهي، موجوده ناڻي واري وزير شمشاد اختر نئين آءِ ايم ايف پروگرام تائين برقرار رهندي، ان کانپوءِ هڪ بئنڪار اورنگزيب ناڻي وارو وزير ٿيندو جڏهن ته پرڏيهي وزير لاءِ اسحاق ڊار جو فيصلو ٿي چڪو آهي،راڻا ثناءُ الله مرڪز ۾ نه ايندو، هو پنجاب ۾ مريم نواز سان گڏ رهندو، طاقتور حلقن اسحاق ڊار جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته اطلاعات وزير لاءِ مصدق ملڪ،دفاع وزير خواجا آصف ٿيندو،هن کي ٻه ٻيون وزارتون به ڏنيون وينديون،اسحاق ڊار اڃا تائين وزير بڻجڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي، هن جو موقف آهي ته سندس آءِ ايم ايف پروگرام بابت راءِ اڃا تائين ساڳي آهي، اسان کي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ نه وڃڻ گهرجي ها.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 05 مارچ 2024 تي شايع ٿي