چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لطيف کوسي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد(م ڊ)چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لطيف کوسي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي،محمود خان اچڪزئي جا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت لطيف کوسي چيف جسٽس عامر فاروق کي چيو ته اسان سمجهيو ته توهان چيمبر ۾ گهرائي چانهن  پيئاريندئو،چيف جسٽس چيو ته چانهن  ته توهان کي ان کانپوءِ به پيارينداسين، عمر ايوب ۽ علي محمد خان به پهريون ڀيرو هن عدالت ۾ آيا آهن،علي محمد خان چيو ته مان انصاف لاءِ هن عدالت ۾ ايندو رهيو آهيان، چيف جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته کوسا صاحب توهان پنهنجو پورو نالو ڇا لکندا آهيو؟سردار لطيف کوسي چيو ته منهنجي پارٽي هاڻي زور ڀري ٿي ته نالي سان گڏ سردار لکان، ان تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان کي نالي سان گڏ سردار ضرور لکڻ گهرجي

  • سياسي پارٽي  نه پيو ٺاهيان،پر نئين پارٽي جي ضرورت آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد( م ڊ)  اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مان سياسي پارٽي نه ٺاهي رهيو آهيان، پر نئين پارٽي جي ضرورت آهي، هڪ خانگي ٽي وي تي  انٽرويو ڏيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل 5 سال هڪٻئي کي گارين ڏيڻ ۾ گذاري ڇڏيا  ۽ ملڪ ۾ٽڪي جو به ڪم نه ٿيو، هن ڀيري اليڪشن تي جيڪا خدشا سامهون آيا آهن ، ان بابت عدالت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

  1. چوري ڪيل مينڊيٽ جي واپسي تائين احتجاج جاري رهندو: شير افضل

اسلام آباد( م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته سندس پارٽي ان وقت تائين احتجاج جاري رکندي جيستائين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي جيل مان آزاد نه ڪيو ويندو ۽ سندس چوري ڪيل مينڊيٽ  واپس نه ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي هن سپريم ڪورٽ تي زور ڀريو ته عدليه جي نگراني ۾ پاڪستانين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس ورتو وڃي. شير افضل مروت چيو ته موجوده حڪومت جي حقيقت قيدي نمبر 804 جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ آهي، هن چيو ته عمران خان، بشري بي بي، شاهه محمود قريشي، چوڌري پرويز الاهي، ياسمين راشد، صنم جاويد ۽ ٻين کي گذريل ٻن سالن کان فاشسٽ حڪومت ناحق جيل ۾ وڌو آهي، هن چيو ته عمران خان بيگناهه آهي هجڻ باوجود 7 مهينن کان جيل ۾ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جو واحد گناهه ”بلڪل نه“ جو نعرو  آهي، ”اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ۽ عدالتن، پارليامينٽ ۽ روڊن رستن تي ان وقت تائين احتجاج ڪندا رهنداسين جيستائين عمران خان کي آزاد نه ڪيو ويندو ۽ اسان جو مينڊيٽ پورو نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.