ڪراچي( م ڊ/نمائندن وٽان) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، پوليس سان چڪرين دوران ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، فيصل آباد، حيدرآباد، سيالڪوٽ،خانيوال،چڪوال، مظفر ڳڙهه،ٽوبا ٽيگ سنگهه،ليه سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب اسلام آباد ۽ لاهور ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، لاهور ۾ احتجاج دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿي پيون ، پوليس نئين چونڊيل ايم اين اي افضال عظيم سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو، ياد رهي ته افضال عظيم عام چونڊن ۾ شهباز شريف کي 15 هزار جي ليڊ تان شڪست ڏني هئي، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ خرم شير زمان جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سکر ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن گوهر خان کوسو، داواخان، ميڊم صفيه بلوچ، عبدالعزيز ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايتي آزاد اميدوارن جو مينڊيٽ چوري ڪري پي ٽي آءِ مخالفن کي هٿ سان کٽرايو ويو آھي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آھي پاڪستان جو عوام هٿرادو مينڊيٽ سان قائم ڪيل حڪومت کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو اڳواڻن لاڳاپيل اختيارن کان مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي ڦر ڪيل ميڊنڊٽ کي واپس ڪيو وڃي ۽ فارم 45 جي نتيجي تحت فارم 47 ڏنو وڃي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ٻي قيادت خلاف ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.