اوٻاوڙو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد ٽن بدنام ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ،هڪ اهلڪار زخمي، هٿيار هٿ

اوٻاوڙو+ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ بشير ملڪ + عبدالحئي ڇڄڙ + پريم راٺوڙ) اوٻاوڙو ڀرسان  رات دير سان رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ سي پيڪ  جي ويجهو رانوتي پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران ٽن  ڏوهارين کي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽنهي مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ۽ لاش تعلقي اسپتال اوٻاوڙو ڏانهن منتقل ڪري چڏيا آهن ايس پي گهوٽڪي انور کهيران ۽ رانوتي پوليس جي دعوا ڪندي ٻڌايو آهي ته رانوتي ڪچي واري علائقي رانوتي ٻيلو کان مان ڏوهاري ڏوهه ڪرڻ لاءِ سي پيڪ اچي رهيا هئا ته رستي ۾ پوليس مقابلي دوران ڏوهارين سان هڪ  ڪلاڪ مقابلي بعد ٽنھي ڏوهارين کي مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جي سڄانپ ٿي وئي آهي جڏهن ته مارجي ويل بدنام ڏوهاري، قبول شر، علي مراد تڙت، شهمراد تڙت، شامل آهي، جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين کان ٻه عدد ڪلشن ڪوف برآمد ڪيون ويون آهن جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار محمد امين چاچڙ زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ پوليس جي ڪارروائي جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.