سنڌ ۾ سينيٽ جي ٻن سيٽن لاءِ چونڊ شيڊول جاري

ڪراچي(رپورٽر) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ سينيٽ جي 2 جنرل سيٽن تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله  کي سينيٽ اليڪشن جو رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي ٻن سيٽن جي چونڊن لاءِ پولنگ 14 مارچ 2024ع تي ٿيندي، پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾نامزدگي ڪاغذ 3 مارچ تائين رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا، 5 مارچ تائين ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ، 7 مارچ تائين اپيلون داخل ڪري سگهجن ٿيون، اپيلن تي 9 مارچ تائين فيصلو ڪيو ويندو ، جڏھن ته 10 مارچ 2024ع  تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهجن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.