اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اڳوڻو فوجي صدر جنرل(ر) مشرف چوندو ھو تھ محترمھ بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف ڪڏھن واپس نھ ايندا جيڪڏھن اھي واپس آيا تھ سندس لاش تان گذري ايندا،سوال جواب ڪرڻ تي ھو چوندو ھو تھ اھو مڪن ئي ناھي تھ اھي اچن. ان بعد وقت پاسو بدلايو،جنھن بعد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ پرويز مشرف ۾ اين آر او جو معاھدو ٿيو.ان سان محترمھ بينظير ڀٽو ۽نوازشريف واپس آيا.جاويد چوڌري جي وي لاگ موجب وري جڏھن عمران خان کي آندو پئي ويو تھ چيو ويو ھو تھ شريف فيملي ۽ پ پ پارٽي جو دور ختم ٿي چڪو آھي.پر تڏھن بھ ڪافي حلقن کي سمجهھ ۾ اچي رھيو ھو تھ پاڪستان جي رياست ۾ ائين ٿيندو رھندو آھي،جنھن سان جھيڙو ٿيندو آھي ان سان اڳتي ھلي معاملا سڌا ٿي ويندا آھن.ھاڻي جڏھن 8 فيبروري جون چونڊون ٿي ويون آھن تھ شريف خاندان ۽ پ پ اچي ويا آھن، ھاڻي جيڪو سسٽم جڙي پيو ان لاءِ چيو پيو وڃي تھ اھو ھلندو. پر ھاڻي بھ جيڪي ان سسٽم سان بيھندا انھن جو ڪھڙو حشر ٿيندو ڏسندا رھجو.9 مئي واقعي بعد جيڪي ماڻھو رياست سان شامل رھيا سي ھن وقت ڪٿي آھن ؟ پاڪستان جو الميو ھي آھي تھ ھتي شيون واقعي بلڪ ٻن ٽن مھينن ۾ بدلجن ٿيون.ملڪي تاريخ ۾ ڪڏھن 9 مئي جھڙا واقعا نھ ٿيا،ان وقت لڳو ھو تھ رياست ھاڻي ڪنھن کي بخش نھ ڪندي، ان دوران ڇا ڇا نھ ٿيو پر جيڪي سمجھي رھيا ھئا تھ رياست پوئتي نھ ھٽندي اھي ڪٿي بيٺا آھن.8 فيبروري جي چونڊ نتيجن بعد مولانا فضل الرحمان چيو ھو تھ 9 مئي جو بيانيو ھاڻي دفن ٿي ويو آھي.ان وقت جيڪي 9 مئي جا ذميوار سمجھيا پئي ويا انھن مان تھ ڪيئي چونڊجي آيا آھن،اھڙا 41 ماڻھون آھن جيڪي ڪجھ وقت اڳ تائين رياست جا ڏوھي ھئا.ھاڻي اھي 41 ئي چونڊجي اسيمبلين ۾ اچي ويا آھن، جيڪي معزز ميمبر ٿي ويا آھن. خيبرپختونخواھ ۾ تھ رياست جو وڏو ڏوھاري علي امين گنڊاپور تھ صوبي جو وڏو وزير ٿي ويو آھي.جيڪو اعلان پيو ڪري تھ صوبي ۾ 9 مئي جي جن ايف آءِ آر جا ثبوت نھ آھن ھي ختم ڪريو،نھ تھ انھن خلاف ڪارروائي ٿيندي.جنھن جو مطلب تھ رياست جي ڪا توھين نھ ٿيندي آھي ۽ جيڪڏھن ٿيندي آھي تھ ان جي معافي بھ ملندي آھي.